تاج محمد مشتاق مولوي

تاج محمد ’مشتاق‘، مولوي: مولوي تاج محمد ’مشتاق‘ راڄو خاناڻي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم دهلي ۽ بمبئيءَ مان حاصل ڪيائين. ان بعد لاهور ۾ پڙهيو. کيس فارسي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزي زبانن تي دسترس حاصل هو. علم ادب سان گڏو گڏ کيس طب جي علم تي به مهارت حاصل هئي. هيءَ پنهنجي دؤر جو مشهور حڪيم ٿي گذريو آهي. راڄو خاناڻيءَ ۾ سندس دواخانو هوندو هو، جتي غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. جيستائين مريض صحتياب ٿئي، ايستائين سندس عيادت به ڪندو رهندو هو. هن راڄو خاناڻيءَ ۾ هڪ ننڍڙي پريس کولي، جنهن مان طب بابت ڪتاب شايع ڪرايائين، هن طبي مسئلن تي هڪ رسالو ’الشفا‘ جاري ڪيو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيو، ان رسالي ۾ مختلف بيمارين جا سبب، علاج ۽ احتياط شامل هوندا هئا، پاڻ ڪيترن ئي طبي ڪتابن جو مصنف هو، جن ۾: ’الحميات‘، ’شرح قانونچه‘ ۽ ’قرابارين مشتاقي‘ اهم آهن. لاهور ۾ مشهور حڪيم اجمل خان طرفان ڪوٺايل طبي ڪانفرنس ۾ کيس مهارت ۽ طبي خدمتن عيوض پهريون انعام ڏنو ويو. سندس مطب تي ادبي تقريبون به ٿينديون هيون، جنهن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا عالم ۽ اديب وٽس ايندا هئا. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ مختلف چار هزار کان مٿي ڪتاب موجود هئا، مولوي تاج محمد مشتاق 1953ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو